اسلام آباد: احتساب عدالت جي هڪ ٻئي جج نيب چيئرمين ڏينهن خط اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت جي هڪ ٻئي جج نيب چيئرمين کي خط لکيو آهي جنهن ۾ نيب طرفان ختم ڪيل ڪيسز جي فهرست گهري وئي آهي.
احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير کان پوءِ هڪ ٻئي جج اعظم خان به نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب ڪيسز ۾ نامزد جوابدارن ترميمي آرڊيننس جي تحت بريت جون درخواستون داخل ڪري رهيا آهن ان ڪري نيب جيڪي ڪيسز ختم ڪيا آهن يا واپس ورتا آهن ان جي فهرست ڏني وڃي. واپس وٺندڙ ڪيسز جي فهرست ملڻ سان عدالتي وقت بچندو.
احتساب عدالت جي جج خط ۾ چيو آهي ته ترميمي آرڊيننس ۾ نيب چيئرمين کي ڪيس واپس وٺڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. نئين قانون ۾ ڪابه گنجائش ناهي ان ڪري فهرست ڏني وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ احتساب عدالت جو جج محمد بشير به ان معاملي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال کي خط لکي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔