چٽاگانگ ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن: بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 330 رنسن تي آئوٽ

چٽاگانگ: پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي ٻئي ڏينهن بنگلاديش جي سموري ٽيم پهرين اننگز ۾ 330 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
چٽاگانگ جي چوڌري ظهور الاهي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ بنگلاديش پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ته لٽن داس 113 ۽ مشفيق الرحيم 82 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيا هئا. پر راند جي ٻئي اوور ۾ حسن علي گذريل ڏينهن سينچري اسڪور ڪندڙ لٽن داس کي هڪ رنسن جي اضافي کان پوءِ 114 رنسن تي ايل بي ڊبليو ڪري ڇڏيو. لٽن داس ۽ مشفيق الرحمان وچ ۾ 206 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي هئي. ايندڙ بيٽسمين ياسر علي کي به حسن علي 4 رنسن تي بولڊ ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مشفيق الرحيم 91 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. مهدي حسن 38 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان طرفان حسن علي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. شاهين شاهه آفريدي ۽ فهيم اشرف 2-2- رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. راند جي پهرين ڏينهن بنگلاديش جي لٽن داس ۽ مشفيق الرحيم جي ذميوارانه بيٽنگ سبب 4 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنسون ٺاهيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔