(ن) ليگ جو هڪ ئي مقصد آهي ته ڪيئن به نوازشريف جون سزائون معاف ٿي وڃن: فواد چوڌري

لاهور: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته (ن) ليگ جو هڪ ئي مقصد آهي ته ڪيئن به ٿئي پر نوازشريف جون سزائون معاف ٿي وڃن. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڪوڙيون وڊيوز ۽ آڊيوز ٺاهڻ(ن) ليگ جو مشغلو بڻجي چڪو آهي.
نوازشريف ۽ مريم نواز جا ڪيس آخري مرحلي ۾ هوندا آهن ته هي ان کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ن ليگ جو هڪ ئي مقصد آهي ته ڪيئن به نوازشريف جون سزائون معاف ٿي وڃي. هي پنهنجين ملڪيتن جو جواب ڏيڻ جي بجاءِ عجيب غريب ڳالهيون ڪري رهيا آهن. رانا شميم به(ن) ليگ جو عهديدار هو کيس چيف جسٽس بنايو ويو ان ڪري(ن) ليگي مهم جو عدليه کي فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
فواد چوڌري چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان پاڪستان ۾ به تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون. عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي معاشي حالتن ۾ به بهتري ايندي. سعودي عرب طرفان مدد جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان جلد معاشي پريشانين مان نڪري ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔