نسلا ٽاور: فليٽ وٺندڙن بدران بلڊريا حڪومت جنهن کان غلطي ٿي هجي پهريان ان کي سزا ڏيو: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني نسلا ٽاور کي ڊاهڻ واري حڪم بابت چيو آهي ته فليٽ الاٽ ڪندڙن جي بجاءِ بلڊر يا سنڌ حڪومت مان جنهن کان به غلطي ٿي آهي پهريان ان کي سزا ڏني وڃي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني بلڊرز ۽ متاثرين جي احتجاج تي لاٺي چارج جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته نسلا ٽاور جي ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته فليٽ الاٽ ڪندڙن جي بجاءِ بلڊر هجي يا سنڌ حڪومت جنهن کان غلطي ٿئي آهي پهريان ان کي سزا ڏني وڃي.
صوبائي وزير چيو ته سمورين عمارتن جو معاوضو ادا ڪنداسين ته اسان کي 10 کان 15 سال لڳي ويندا ۽ ان جي لاءِ اربين روپيه گهرجن.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن ڪمشنر ڪراچي کي هڪ هفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڊاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن ۾ عدالت جو چوڻ هو ته 400 مزدور لڳايو پر نسلا ٽاور کي ڪيرائي هڪ هفتي ۾ رپورٽ ڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔