وفاقي ڪابينا سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر جا ذخيرا اسٽيٽ بينڪ ۾ رکڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: وفاقي ڪابينا سعودي عرب کان اوڌر تي تيل خريد ڪرڻ جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب اقتصادي ڊويزن طرفان وفاقي ڪابينا کي سرڪيوليشن سمري موڪلي وئي هئي جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

معاهدي جي متن موجب سعودي عرب پاڪستان کي هر مهيني 100 ملين ڊالر جو تيل قرض ڏيندو ۽ پاڪستان کي تيل جي ادائيگي سان گڏ 3.8 سيڪڙو مارجن ادا ڪرڻو پوندو

ذريعن موجب معاهدو شروعاتي طور تي هڪ سال لاءِ آهي جنهن ۾ بعد ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر وچ ۾ پاڪ سعودي معاهدي جي مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوڌر تي تيل ڏيڻ جو واعدو وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري دوران ڪيو ويو هو جنهن ۾ سعودي ولي عهد پاڪستان کي هڪ سال لاءِ تيل اوڌر تي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي تازي دوري کانپوءِ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته سعودي عرب پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي امدادي فنڊ جو اعلان ڪيو آهي، هي رقم سعودي فنڊ براءِ ترقي اسٽيٽ بينڪ ۾ جمع ڪرائيندو ۽ سعودي عرب هڪ سال اندر ريفائنڊ پيٽروليم مصنوعات جي لاءِ 1.2 ارب ڊالرز جي فنانسنگ به فراهم ڪندو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔