عليم خان پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات کان پوءِ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: پنجاب جي سينئر وزير عليم خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزردار سان ملاقات کان پوءِ پنهنجي استعيفيٰ سندس حوالي ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان سينئر صوبائي وزير ۽ پنجاب جي خوراڪ کاتي واري وزير عبدالعليم خان ملاقات ڪئي. عبدالعليم خان وڏي وزير عثمان بزدار کي پنهنجي وزارت تان ڏنل استعيفيٰ پيش ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير عثمان بزدار عليم خان جي خدمتن جي تعريف ڪئي.
عثمان بزدار عليم خان کي پارٽي جو اثاثو قرار ڏيندي چيو ته پارٽي لاءِ اوهان جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن. اوهان سينئر وزير ۽ خوراڪ کاتي واري وزير جي حيثيت سان اهم خدمتون انجام ڏنيون. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سينئر وزير ۽ خوراڪ کاتي جي وزير طور تي عليم خان هميشه بهتر ڪردار ادا ڪيو.
ياد رهي ته عليم خان گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو هو ته هن وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس صوبائي وزير جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏيڻ تي راضي ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔