پي ٽي آءِ جو عاصما جھانگير فائونڊيشن جي فنڊز جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي: پي ٽي آءِ طرفان عاصما جھانگير فائونڊيشن جي فنڊز جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ پارلياماني سيڪريٽري عاليا حمزا عاصما جھانگير فائونڊيشن جي فنڊنگ تي سوال اٿاري ڇڏيا آھن

پي ٽي آءِ جي عاليا حمزا طرفان اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين قائما ڪميٽي کي خط لکي عاصما جھانگير فائونڊيشن جي فنڊز جي جاچ جو مطالبو ڪيو آھي، عاليا حمزا خط ۾ چيو آھي تھ عاصما جھانگير جي ياد ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ چيف جسٽس خلف نعرا لڳا ۽ ان جي توھين ڪئي وئي، ھن چيو تھ ڪانفرنس ۾ مڪل جي سڀ کان وڏي عدالت مان سزا يافتا ۽ مفرور کي مھمان خصوصي بڻايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔