سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ زمينن تي قبضا آهن، اسان کي لولي پاپ نه ڏيو: چيف جسٽس

ڪراچي: سپريم ڪورٽ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر کي سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سنڌ ۾ زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ بورڊ آف روينيو جا سينيئر ميمبر عدالت ۾ پيش ٿيا

سپريم ڪورٽ سينيئر بورڊ آف روينيو پاران جمع ڪرايل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس سينيئر ميمبر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان اسان کي ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهيو، اوهان ڊاڪٽر يا بابو ناهيو

جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ زمينن تي قبضا آهن، توهان ڪنڊن جون تصيويرون کڻي هليا آيا آهيو، هي لولي پاپ توهان جا آفيسرز توهان کي ڏيندا هوندا، اسان کي نه ڏيو

عدالت چيو ته سڄي ڪراچي ۾ حددخليون آهن، توهان جا 9 ڪيس لڳل آهن، سڀئي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪرڻ گهرجي اهو نه ڪيو ته عهدن تي ڇو آهن، سمورن ادارن جي اهوئي حال آهي، ڪهڙا ڇانو آهن جي لاءِ هي ڪم ڪري رهيا آهن، حد دخلين جون عدالتون بڻايو ويون اتي ڪم ناهي، هي ڀتو وٺي رهيا آهن، سٺا ۽ خراب ماڻهو هوندا آهن، پر بد قسمتي سان اسان وٽ خراب ماڻهو گهڻا آهن

چيف جسٽس چيو ته اڌ ڪراچي قبضي هيٺ آهي، ڪورنگي هليا وڃو، اهو سڀ ڪجهه اوهان جي روينيو آفيسرن ٺاهيو آهي، يونيورسٽي روڊ تي ڏسو ڪيتريون ئي منزلون عمارتون ٺهي رهيون آهن جعلي دستاويزن تي، ملير نديءَ ۾ گهر ٺاهيا پيا وڃن وڃي ڏسو، هڪڙي عمارت ٻڌايو جڪا توهان ڪيرائي هجي، هاڻي ته ريٽ به وڌي ويو هوندو ته سپريم ڪورٽ ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آهي هاڻي ڪيرائيندا، آفيسرز صرف افيسن ۾ ويهي سيٽ گرم ڪن ٿا، پندره پندره ويهه ويهه ماڙ عمارتون سرڪاري زمينن تي ٺهيل آهن، سپر هاءِ وي، نيشل هاءِ وي، ملير، يونيورسٽي روڊ تي عمارتون ٺهيل آهن، ايئرپور وٽ زمين نظر نٿي اچي توهان کي

عدالت جي ڪاوڙ تي سينيئر ميمبر چيو ته اسان نوٽيس وٺون ٿا، ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان نوٽيس وٺون ٿا، توهان نه، توهان روز ڏهه چٺيون لکو ڪجهه نه ٿيندو، هي ڪم توهان جي آفيسرن جو آهي

چيف جسٽس چيو ته عدالت سرڪاري زمينن، پارڪن ۽ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رهي آهي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو عدالتي حڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪرائن، سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪرائي هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔