فاروق ستار سان ملاقات اتفاقي نه ھئي، گھرائڻ تي ڪراچي آيس: حريم شاھ

ڪراچي: ٽڪ ٽاڪر حريم شاھ دعويٰ ڪئي آھي تھ ھو ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي سربراھ فاروق ستار سان ملڻ ئي ڪراچي آئي ھيس، حريم شاھ انسٽاگرام اڪائونٽ تي تازو ھڪ وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا نجي پروگرام جي ٽيزر ۽ ڪجھ مھينا اڳ نشر ٿيل پروگرام جي آھي

وڊيو ۾ ھڪ پاسي حريم شاھ کي فاروق ستار سان ٿيل ملاقات بابت ڳالھ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو تھ ٻئي پاسي فاروق ستار حريم شاھ سان ملاقات کي اتفاقي ملاقات قرار ڏنو

حريم شاھ جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ فاروق ستار شو ۾ غلط بيان ڪئي آھي، ھُن سان ڪراچي جي ھڪ ھوٽل ۾ ملاقات منصوبابندي جي تحت ٿي ھئي، ھن چيو تھ ھوءَ فاروق ستار جھڙي ناھي، جنھن سان دوستي ڪندي آھيان ھُن کي دنيا جي اڳيان تسليم ڪندي آياھن

فاروق ستار سان پھرين ملاقات اسلام آباد جي ھوٽل ۾ ٿي، جتي لفٽ ۾ فاروق ستار نمبر ڏنو، جنھن بعد ٻي ملاقات لاھور ۾ ٿي ۽ ان بعد 6 مھينن تائين فاروق ستار رابطي ۾ رھيو ۽ پوءِ ڪراچي آيس جنھن جون وڊيوز بھ وائرل ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔