مريم نواز چينلس کي اشتهار نه ڏيڻ واري آڊيو جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد: نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز مختلف چينلس کي اشتهار نه ڏيڻ واري پنهنجي اڊيو ليڪ جي تصديق ڪندي چيو ته اهو منهنجو ئي آواز آهي

مريم نواز اعتراف ڪيو ته جڏهن هوءَ ميڊيا سيل جي انچارج هئي ته هن اهڙيون هدايتون ڏنيون، هن چيو ته آئون اهو نه چونديس ته هتان هتان آواز جا ٽڪرا کڻي آڊيو ٺاهي وئي، اهو منهنجو ئي آواز آهي، ان تي ٻئي ڀيري ڳالهائبو

واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مريم نواز جو آڊيو ڪلپ ليڪ ٿيو هو، جنهن ۾ هوءَ نالي کڻي هدايتون ڏيئي رهي هئي ته مختلف چينلس کي اشتهار جاري نه ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔