ايندڙ ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن جي تصوير به شايع ڪئي ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن جي تصوير به شايع ڪئي ويندي ۽ هن وقت ملڪ ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽر آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چونڊون ويجهو ايندي ئي ووٽرن کي موبائيل فون تي تڪ جي حوالي سان سهولت فراهم ڪئي ويندي.

هن چيو ته ليڊيز اسٽاف کي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو جتي عورتن جي ووٽرن جي رجسٽريشن جو مسئلو آهي. شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪم ڪندي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پي ٽي آءِ جي پٺڀرائي ڪندا ۽ کين ڀرپور حمايت ملندي، ڇاڪاڻ ته عمران خان کي اوورسيز پاڪستانين جي وڏي حمايت حاصل آهي، انهن 10 ڪروڙ ووٽرن مان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ايتري مقبوليت ڪنهن جي به ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته اپوزيشن جا 3 اجلاس ٿيا آهن پر ڪو به نتيجو نه نڪتو آهي، گذريل ڊسمبر ۾ هنن چيو هو ته حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي ۽ هاڻي ٻيو ڊسمبر اچي ويو آهي، اسان خوش قسمت آهيون جو الله اهڙي نااهل اپوزيشن ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔