اسان وٽ روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳٽن وانگر ٺهڻ گهرجن: ڀارتي وزير جي انوکي فرمائش

ڪراچيي راجسٿان جي وزير راجندر سنگهه گوڌا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هن سٺا روڊ ڍاهڻ لاءِ بالي ووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف جي ڳٽن جو مثال ڏنو آهي

اها وڊيو ڀارتي نيوز ايجنسي اي اين آءِ شيئر ڪئي جنهن ۾ راجندر سنگهه عوام کي خطاب ڪري رهيو آهي جنهن دوران ماڻهن هن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقي جا روڊ جلد کان جلد مرمت ڪيا وڃن.عوام جي مطالبي تي ڀارتي وزير اتي موجود تعميراتي کاتي جي چيف انجنيئر کي مخاطب ٿيندي چيو ته روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳٽن وانگر هموار ٺهڻ گهرجن

ڀارتي وزير جي اهڙي بيان سان اتي موجود ماڻهو ڏاڍو محظوظ ٿيا. بهرحال اهو پهريون موقعو ناهي ته اداڪارن جا ڳٽا روڊن لاءِ مثال طور ڏنا ويا آهن، ان کان اڳ 2005 ۾ اڳوڻي ڀارتي وزير لالو پرساد ياديو چيو هو ته بهار جي گهٽين کي به اداڪاره هيما مالاني جي ڳٽن وانگر ٺاهيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔