ٽيون ٽي ٽوئنٽي: بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 125رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا: پاڪستان جي خلاف ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 125 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي. ڊيبيو ڪندڙ شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پهرين ئي اوور ۾ وڪيٽ حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان جي خلاف ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ به بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ ڊيبيو ڪندڙ شاهنواز ڏاهاڻي پهرين ئي اوور ۾ پنهنجي پهرين وڪيٽ حاصل ڪري ورتي. عثمان قادر بنگلاديش جي ٻن رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
بنگلاديش مقرر اوورز ۾ 124 رنسون ٺاهيون ۽ ان جا 7 رانديگر آئوٽ ٿيا، بالر عثمان قادر ۽ محمد وسيم 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته حارث رئوف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي 1-1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔