اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن بابت سمورا ڪم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ ٿي. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي 30 نومبر تائين سمورا ڪم مڪمل ڪري ضروري دستاويز ڪميشن حوالي ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 30 نومبر تائين سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم مڪمل نه ڪيو ته پهرين ڊسمبر کان سنڌ ۾ تڪ بنديون شروع ڪيون وڃن. صوبائي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪارروائي بابت تفصيل جمع ڪرايا.
اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي دوران سنڌ جو چيف سيڪريٽري پيش نه ٿيو. بلديات جو سيڪريٽري پيش ٿيو، جنهن دستاويز ۽ ڊيٽا ڏيڻ جي مهلت طلب ڪئي. صوبائي اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪندي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي رويي سان لڳي ٿو ته صوبائي حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده نه آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جو مدو 30 آگسٽ 2020 تي ختم ٿي ويو هو. بلدياتي ادارن جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ 120 ڏينهن ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔