آءِ ايم ايف معاهدي تحت ماهوار 4 رپيا پيٽروليم ليوي وڌائڻي آهي: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وزير شوڪت ترين انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي جو اعلان ڪندي چيو ته معاهدي تحت هڪ ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته پيٽروليم ليوي ۾ هر مهيني 4 رپيا واڌ سميت 5 اهم قدم کڻڻا پوندا

اسلام آباد ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي پر اسٽاف معاهدو ڪاميابي سان ٿي چڪو آهي

ڇهين جائزي اجلاس موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کي اٽڪل هڪ ارب ڊالر ڏيندو، ان کانپوءِ مجموعي طور تي 3 ارب ڊالر ٿي ويندا

هن چيو ته هو مڪمل سبسڊي نه پر ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ چاهين ٿا، جڏهن ته بهتر زندگي، صحت جي بهتري ۽ عام ماڻهو لاءِ ڪامياب پروگرام جهڙن پروگرامن کي ساراهيو ويو

هن چيو ته اسان کي پيٽروليم ليوي ۾ 4 رپيا مهينو واڌ ڪرڻي آهي ته جيئن اها 30 رپيا ٿي وڃي، اسٽيٽ بئنڪ جي ترميم پارليامينٽ مان گهرڻ ضروري آهي

آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪووڊ جي خرچن جو آڊٽ به ڪرڻو آهي، انهن جي معاهدن بابت اهم معلومات پيپرا جي ويب سائيٽ تي شايع ڪئي ويندي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔