سپريم ڪورٽ کي تاحيات نااهلي واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: جهانگير ترين

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي تاحيات نااهلي واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
لوڌران ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جهانگير ترين چيو ته جيڪڏهن اوهان کي سزا ملندي آهي ته اپيل اوهان جو حق ۽ انصاف جو بنيادي حصو آهي. سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي جي سزا ۾ نظرثاني ڪري ته اها بهتر ڳالهه هوندي.
جهانگير ترين چيو ته ماڻهو 5 سال جيل ڪاٽي واپس اچي چونڊن ۾ حصو وٺندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پندرنهن ويهه ڏينهن اڳ خبر هئي ته ڊي اي پي ۽ ڀاڻ غائب ٿي رهيو آهي پر ان تي ڪوبه ايڪشن نه کنيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔