وزيراعظم جي پارٽي کي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور تياري سان گڏ ميدان ۾ لهڻ جي هدايت

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پارٽي کي ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهڻ جي هدايت ڪئي آهي

ذريعن موجب وزيراعظم بلدياتي چونڊن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوار ڳولڻ لاءِ ڪميٽي پڻ ٺاهي ڇڏي، جنهن ۾ چيف آرگنائيزر پي ٽي آءِ سيف الله خان نيازي، عامر ڪياني ۽ مڪاني ادارن وارو وزير ميان محمود رشيد شامل آهن

ڪميٽي بلدياتي چونڊن بابت سمورن علائقن جي صدرن سان به مشاورت ڪندي، ڪميٽي پنجاب ۾ ميئر ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمينن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوارن جي ڳولا ڪندي ۽ مڪاني چونڊن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوارن تي ڪم ڪندي

وزيراعظم عمران خان اها به هدايت ڪئي آهي ته پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي جلد کان جلد اسيمبلي مان پاس ڪرايو وڃي ۽ جلد مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانوني عمل مڪمل ڪيو وڃي

ان کان علاوه عمران خان اميدوارن جي چونڊ، پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ هم خيال پارٽين کان تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔