آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب، 5 ڪروڙ،90 لک ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 5 ڪروڙ 90 لک ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول ايگريمينٽ طئي ٿي ويو آهي جنهن جي حتمي منظوري ايگزيڪٽو بورڊ ڏيندو.
ان حوالي سان آءِ ايم ايف چيو آهي ته قرض پروگرام جي بحالي شرطن سان مشروط هوندي. حڪومتي ادارن مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. ٽيڪس ويهه سيڪڙو وڌيڪ وڌائڻو پوندو. آءِ ايم ايف مانيٽري پاليسي ذريعي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي زور ڏنو پر مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان جون تائين سموري ڪارڪردگي جا حدف وڏي مارجن سان حاصل ڪيا. پاڪستان مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ جي خلاف اڳڀرائي ڪئي. پر ايڪشن پلان کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي. ڪورونا وبا جي خلاف بهتر قدمن سان معيشت بحال ٿي. ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جو ٽيڪس به مضبوط رهندو.
نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آئي. هلندڙ سال جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ آئنده سال 4.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ ۾ لچڪ برقرار رکڻ ۽ ملڪ جا ذخيرا وڌائڻ جو مشورو ڏنو آهي. آءِ ايم ايف قانونسازي جي ذريعي اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختاري وڌائڻ تي به زور ڏنو. ان سان گڏوگڏ آءِ ايم سماجي ۽ ترقياتي خرچن جي لاءِ ٽيڪس مراعتن جو خاتمو ضروري قرار ڏنو.
المي مالياري اداري فينف پلان تي عمل، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ جي ڪارڪردگي جي به تعريف ڪندي توانائي واري شعبي ۾ اصلاحات بابت واعدا پورو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔