ثاقب نثار جي آواز جي تصديق ٿي چڪي، حق ۽ سچ هڪ ڏينهن سامهون ضرور ايندو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪي فرانزڪ ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته آواز ثاقب نثار جي ئي آهي. هڪ ڏينهن حق ۽ سچ سامهون ضرور ايندو آهي.
ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته نوازشريف، مريم جي سزا عدل جي هر پيماني موجب ختم ٿي چڪي آهي. آمريڪي ڪمپني آواز جي حقيقي ۽ صحيح هجڻ جو سائنسي تجزيو ڪيو آهي. آمريڪي ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته آواز ثاقب نثار جي ئي آهي. اعمال نامو حاضر آهي، گناهه تي مختلف عذر پيش ڪرڻ بدترين گناهن مان هڪ آهي.
هوڏانهن شهباز گل چيو آهي ته ثاقب نثار جي ڪوڙي آڊيو رليز ڪئي وئي. اهي اڳ به ڪوڙ خبر ڏئي معافي گهري چڪا آهن. جيڪڏهن آڊيو وڊيو جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته پهريان ملڪ قيوم جي ڳالهه ڪئي وڃي. مسلم ليگ ن وارا جهڙي طرح پهريان قطري خطن ۾ بدنام ٿيا هاڻ به ائين ئي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔