ٽي ٽوئنٽي ميچ: بنگلاديش جي ٽيم پاران ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

ڍاڪا: بنگلاديش جي ٽيم آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان طرفان نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز دهاني اڄ پنهنجو ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آل رائونڊر شعيب ملڪ پٽ جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب بنگلاديش جي خلاف ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو آهي. شاهنواز ڌاني پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏندڙ 95هون رانديگر آهي. ان کان علاوه اڄوڪي ميچ ۾ افتخار احمد، عثمان قادر ۽ سرفراز احمد به ٽيم ۾ شامل آهن.
ٻئي طرف فخرزمان، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي ۽ شعيب ملڪ پليئنگ اليون ۾ شامل نه آهن. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان 2 ميچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔