سي پي پي اي بجلي جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا کي بجلي جي قيمتن ۾ پوڻا 5 روپيه في يونٽ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.
بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي جنهن جي ٻڌڻي 3 نومبر تي ڪئي ويندي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان اضافي جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ کان سواءِ سموريون بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين لاءِ ڪئي وئي آهي ۽ درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ صارفين تي 61 ارب روپيه جو وزن منتقل ٿيندو.
ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ به نيپرا کي في يونٽ بجلي 29 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔