اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ آڊيو ڪلپ کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار سوشل ميڊيا تي وائرل آديو ڪلپ کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته فيبري ڪينڊ آڊيو مون سان جوڙي وئي آهي. اهڙي طرح جون شيون ٺاهي سامهون آنديون پيون وڃن، اها منهنجي آواز نه آهي.
سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي وائرل ٿيل مبينه آڊيو ڪلب وائرل ٿيڻ تي چيو آهي ته مون اڃان اها آڊيو ٻڌي ناهي، اهڙي طرح جون شيون ٺاهي سامهون آنديون پيون وڃن، اها آواز منهنجي نه آهي. آڊيو ليڪ ٿيڻ تي جسٽس ر ثاقب نثار نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان اڃان تائين آڊيو ڪلب ٻڌي ناهي اها ڪوڙ تي ٻڌل ۽ هٿ ٺوڪي آڊيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪنهن سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. هٿ ٺوڪي شين سان ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو ۾ مبينه طور تي نوازشريف ۽ مريم نواز جي خلاف سزا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ن ليگ جي اڳواڻن مبينه آڊيو کي پنهنجي فتح ۽ عدل انصاف لاءِ امتحان قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔