اڳوڻي چيف جسٽس جي مبينا آڊيو تي شهباز شريف جو به رد عمل سامهون اچي ويو

ڪراچي: نواز شريف ۽ مريم نواز بابت اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ڪلپ تي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي

گذريل ڏينهن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو هڪ مبينا آڊيو ڪلپ سامهون آيو هو جنهن ۾ هو چئي رهيو هو ته عمران خان لاءِ جاءِ ٺاهڻ لاءِ نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ملڻ گهرجي

جڏهن ته جسٽس ثاقب نثار نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مبينا آڊيو ڪلپ جي ترديد ڪندي چيو ته هي آواز منهنجو ناهي، هن کي مون سان ڳنڍيو ويو آهي، مان ان حوالي سان ڪڏهن به ڪنهن کي هدايتون نه ڏنيون آهن

مريم نواز گذريل ڏينهن جسٽس ثاقب نثار سان منسوب مبينا آڊيو ڪلپ تي به ردعمل ظاهر ڪيو هو ۽ هاڻي ان حوالي سان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جو بيان به سامهون آيو آهي

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي نئين آڊيو ٽيپ رليز ٿيڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن نواز شريف ۽ مريم نواز کي نشانو بڻائي سياسي عمل کان ٻاهر رکيو ويو آهي

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته غلط شين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، قوم انصاف جي نظام ڏانهن ڏسي رهي آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔