عمران جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ نوازشريف ۽ مريم کي سزا ڏيڻ جو چيو ويو: ثاقب نثار جي مبينا آڊيو وائرل

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ڪلپ منظرعام تي اچي وئي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته عمران خان جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ نوازشريف ۽ سندس  ڌي مريم نواز کي سزا ڏيڻي پوندي، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار آڊيو ڪلپ کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. نجي چينل جيو ٽي وي جي رپورٽ موجب جسٽس (ر) ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ڪلپ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته عمران خان جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ  نوازشريف ۽ سندس ڌي مريم نواز کي سزا ڏيڻي پوندي، جيتوڻيڪ مريم نواز خلاف ڪوبه ڪيس نه آهي.

وائرل ٿيل فون رڪارڊنگ ۾ ٻئي پاسي کان شخص چيو ته  منهنجي خيال ۾ ميان صاحب جي ڌي خلاف سزا ٺهي نٿي، جنهن جي جواب ۾ مبينا طور ثاقب نثار چيو ته اوهان بلڪل جائز آهيو، مون پنهنجي دوستن کي چيو ته هن ۾ ڪجهه ڪيو وڃي پر منهنجي دوستن مون سان اتفاق نه ڪيو، ان سان گڏو گڏ هن چيو به چيو ته بدقسمتي سان مونکي ان بابت کرو رهڻ ڏيو،

اسان وٽ فيصلا ادارا ڏيندا آهن، چيو ويو ته اسان کي خان صاحب کي آڻڻو آهي، هاڻ ڪرڻو پوندو، عدليا جي خودمختياري ته نه رهندي. اهڙي آڊيو ڪلپ سامهون اچڻ تي ثاقب نثار ترديد ڪندي چيو آهي ته مون آڊيو ٻڌي آهي،

آواز منهنجو ناهي. جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي جسٽس (ر) ثاقب نثار چيو ته مون سان جوڙيل آڊيو جعلي آهي، ڪنهن کي ڪڏهن ان حوالي سان هدايتون ناهن ڏنيون، جيو ٽي وي سوال ڪيو ته آڊيو جي معاملي تي ڪوئي قانوني نوٽيس موڪليندا؟ جنهن تي ثاقب نثار چيو ته سوچي رهيو آهيان ته قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ڪلپ منظرعام تي اچي وئي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته عمران خان جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ نوازشريف ۽ سندس  ڌي مريم نواز کي سزا ڏيڻي پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔