ڪراچي ۾ تنگواڻي واسي پورهيت جو تشدد ٿيل لاش هٿ

تنگواڻي: تنگواڻي جي ڳوٺ عبدالطيف جروار واسي 40 سالن جي پورهيت محمد کوسو پٽ الاھي بخش کوسو جو ڪراچي ۾ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، اهڙي اطلاع تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو

مقتول جي ڀاءُ هادي بخش کوسو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 2 ۾ قيوم آباد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ مزدوري ڪندو هو، جنهن جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي

هن چيو آهي ته اسان جا ماڻهو اتي ويٺل آهن، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي شڪ آهي ٺيڪيدار کيس قتل ڪيو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش اسان جي حوالي ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔