ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار جي آپگهات جا ڪارڻ سامهون اچي ويا

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ پوليس اهلڪار جي مبينا خودڪشي جو ڪارڻ گهريلو انبڻت سامهون آيو آهي، پوليس موجب اي ايس آءِ طارق سيڪيورٽي 2 ۾ مقرر هو، طارق جون ٻه شاديون ٿيل هيون، هن جو پنهنجي ٻي زال سان جهيڙو ٿيندو رهندو هو

پوليس جو چوڻ آهي ته زال سان جهيڙي دوران اهلڪار پنهنجي زال لاءِ پستول ڪڍيو پر هن پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، جيڪا سندس مٿي مان نڪري وئي

پوليس موجب فائرنگ جي وقت ل طارق ۽ ان جو ويڳو پٽ به ٻئي زال جي گهر ۾ موجود هئا، اهلڪار جي ويڳي پٽ کان بيان ورتو ويو آهي، واقعي واري هنڌ تان گوليون ۽ پستول به هٿ ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔