ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ، شهري سخت پريشان

ڪراچي:ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي علائقي صدر، آءِ آءِ چند ريگر روڊ، لياري، منظور ڪالوني، کھارادر، پي اينڊ ٽي الوني ۽ ڪياماڙي سميت مختلف علائقن ۾ گئس جو پريشر بلڪل به ناهي

ان کان علاوه ڪورنگي، ڀٽائي ڪالوني، اورنگي، لياقت آباد ۽ شاهه فيصل جا مختلف علائقا به گئس جي لوڊشيڊنگ سبب سخت متاثر آهن

علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ رڳو 2 کان 3 ڪلاڪ سوئي گيس اچي ٿي جيڪو پريشر نه هجڻ جي برابر آهي، گئس نه ملڻ سبب هو سلينڊر استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن ڪري خرچ ٻيڻو ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔