ناظم جوکيو جي ڀاءُ جي بيان تي سڄي سنڌ مايوس آهي: ام رباب

دادو: ام رباب چيو آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ جي بيان تي سڄي سنڌ مايوس ٿي وئي، پر شهيد جي بيواهه ۽ سندس ماءُ سان سڄي سنڌ گڏ بيٺي آهي، دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ائين جاگير داري نظام خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي

ھن چيو تھ اسان سڀني کي گڏجي وڙهڻو پوندو، جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته ام رباب جو ذاتي مسئلو آهي سندس گهر ڀاتي قتل ٿيا آهن انهن ماڻهن کي ناظم جوکيو ڪيس کي ڏسڻ گهرجي

ام رباب رباب چيو آهي ته منهنجي گهر ڀاتين کي سردار چانڊيو وارن قتل ڪرايو، مان سردارن ۽ جاگيردارن خلاف علم بلند ڪيو، قاتل ۽ ظالم سردارن کي سندن اوقات ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، سندن خلاف گڏجي ائين ئي جدوجهد ڪرڻي پوندي

هن چيو آهي ته جيسيتائين سنڌ جو هڪ به حلالي پٽ زنده آهي جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ وڙهندو رهندو، جيڪڏهن ام رباب کي پنهنجو رت ڏيڻو پيو ته هي ڀيڻ پنهنجو رت به ڏيندي پر جاگيرداري نظام خلاف جنگ جاري رکندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔