لاهور عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ وري واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي: لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ مالي اسڪينڊل ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ وري واڌ ڪري ڇڏي آهي، لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ٻئي ڄڻا عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته رمضان شوگر مل منهنجو ڪاروبار ناهي، هي مل منهنجي پيءُ جي هئي تنهن ڪري منهنجو ان مل سان ڪو به تعلق ناهي، هي اهوئي ڪيس آهي جيڪو نيب ۾ به آهي

شهباز شريف جي بيان تي بينڪنگ ڪورٽ جي جج چيو ته توهان جون هي ڳالهيون اڳ ۾ ئي نوٽ ڪري چڪا آهيون، هن چيو ته مان ڪالهه ئي اسلام آباد کان آيو آهيان، جڏهن به توهان حڪم ڪندئو ته حاضر ٿي ويندس

عدالت چيو ته جوابدارن طرفان هڪ به تاريخ نه ورتي وئي، جوابدار ڌر کي سٺو لڳي ٿو، چاهي توهان 2 مهينن جي تاريخ وٺو، جنهن بعد عدالت شهباز شريف سميت سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 11 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇندي ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف ۽ ٻين خلاف نامکمل چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اهو به چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ ڪا به مهلت نه ملندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔