دادو: ام رباب عدالت آڏو پنهنجا خدشا پيش ڪري ڇڏيا

دادو: دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو عدالت آڏو پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو ته جج صاحب منهنجي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس کي 4 سال گذري چڪا آهن پر اڃان انصاف ناهي مليو ، 4 سالن کان عدالتن ۾ اچون پيا ان دوران اسان کي ٿريٽس آهن ، شاهدن تي هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ آهن

هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته هي ڪيس اڃا گهڻو وقت هلندو ته اسان اوترا سال انتظار ڪيون، جوابدار ڪيس اينگهائڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪري رهيا آهن

عدالت چيو ته اسان جو ڪم ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي ٺوس ثبوتن جي بنياد تي فيصلا ڏئي انصاف ڪندا آهيو، جلد توهان جو ڪيس هلايو ويندو، باقي عدالت هڪ طرفو فيصلو نه ڏيندي، جنهن بعد عدالت ام رباب جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تي مقرر ڪري ڇڏي

عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته اڄ عدالت کان سوال ڪيو ته ڪيس کي 4 سال گذري ويا آهن پر اڃا ڪيس نه پيو هلي، توهان منصف جي ڪرسي تي ويٺا آهيو اسان سان انصاف ڪيو، مان عدالت آڏو خدشا رکيا ته مون کان يتيم ٻار پڇن پيا ته ڪيس جو ڇا ٿيو انهن کي ڪهڙو جواب ڏيان

ام رباب چيو ته منهنجي ننڍي ڀيڻ چوي ته هر واري حاضري ٿئي ٿي ته پوءِ توهان ڪورٽن ۾ ڇو پيا وڃو، اسان کي عدالت مان انصاف ملڻ جو يقين آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن انصاف ضرور ملندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔