اٽارني جنرل چونڊ سڌارا ترميم بل جي پارليامينٽ مان منظوري کي آئين موجب قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: اٽارني جنرل چونڊ سڌارا ترميم بل جي پارليامينٽ مان منظوري کي آئين موجب قرار ڏئي ڇڏيو، اٽارني جنرل خالد جاويد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي ڪڏهن به اعتراض نه واريو آهي، اليڪشن ڪميشن طريقيڪار تي خدشا ظاهر ڪيا هئا، جيڪي ختم ڪيا ويندا

ھن چيو تھ ترميم ذريعي قانون ۾ رڳو گنجائش پيدا ڪئي وئي آهي، اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڪيئن ڏنو ويندو ۽ اي وي ايم ذريعي ڪيئن چونڊون ڪرايون وينديون، ڪلڀوشن ياديوَ بابت قانونسازي تي اٽارني جنرل چيو ته پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ واري ڀارتي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي، انصاف بابت عالمي عدالت جي فيصلن جي روشني ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي، اپوزيشن چاهي ته تفصيلي بريفنگ لاءِ تيار آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔