سنڌ ڪابينا وفاقي ڪامورن جون خدمتون واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ مان وفاقي ڪامورن جي بدلي روڪي وڃي، سنڌ ڪابينا وفاقي ڪامورن جون خدمتون واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وڏي وزير طرفان وفاقي سرڪار کي خط لکي آگاهه ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا سنڌ پوليس سروس ڪيڊر ٺاهڻ جو به فيصلو ڪري ورتو آھي

اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته 9 نومبر تي سنڌ مان 4 پي اي ايس ۽ 7 پوليس سروس جا آفيسرز بدلي ڪيا ويا، صوبي ۾ 20هين گريڊ جي 48 آفيسرز جي کوٽ آهي، پي اي ايس يا پي ايس پي آفيسرز وفاق نه، پر فيڊريشن جا ملازم آهن، اهڙا آفيسرز اُماڻيا ويا آهن، جِن سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪم ناهي ڪيو

جڏھن تھ سنڌ ڪابينا ڪڻڪ خريداري جو اگهه 22 سئو رُپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، صوبي ۾ڪڻڪ جي وڌيڪ اُپت ٿيڻ جي اُميد ظاهر، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ وارو پيڪيج به منظور ڪيو ويو

ڪابينا کي بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته وفاق طرفان ربيع ۾ فاسفيٽ ڀاڻ تي سبسڊي جي منظوري ڏني وئي هئي، فيصلي موجب وفاق ۽ صوبو 50-50 سيڪڙو سبسڊي ڏيندا، 1 کان 16 ايڪڙ زمين جي آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔