وفاقي حڪومت ڊرٽي گيم نه کيڏي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڊراما بند ڪري: مراد علي شاه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي وارننگ ڏيان ٿو ته سياست ۽ ڊراما بند ڪري، وفاق جو سنڌ حڪومت سان جهيڙو آهي ته مون سان وڙهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تھ ڪامورن جون خدمتون وفاق حوالي نھ ڪيون وينديون، آفيسرز کي اُبتا سُبتا خط لکي پريشان ڪرڻ بند ڪيو وڃي

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ سياسي يتيمن جي چوڻ تي آفيسرز کي شوڪاز نوٽيسز جاري ٿين ٿا، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي چوان ٿو ته ڊراما بند ڪريو، وفاقي سرڪار روٽيشن پاليسي جي بهاني سان سنڌ ۾ گورننس کي خراب ڪرڻ گهري ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔