ٽيم کي جهنڊي سميت واپس موڪليو! بنگلاديشي وزير پاڪستاني جهنڊو لڳائڻ تي چڙي پيو

ڍاڪا: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پاران بنگلاديش ۾ پريڪٽس سيشن دوران گرائونڊ ۾ پاڪستاني جهنڊو لڳائڻ تي بنگلاديشي شوقينن پاران سوشل ميڊيا تي سخت اعتراض واريا ويا آهن

پنهنجي سرزمين تي پاڪستاني جهنڊو ڏسي بنگلاديشي سڌ سماءَ جو وزير مراد حسن به چڙي پيو، هن چيو ته پاڪستاني رانديگرن کي آئون ڪجهه نٿو چوان پر پريڪٽس سيشن دوران سندن پاران گرائونڊ ۾ پاڪستاني جهنڊو لڳائڻ قبول ناهي، اهو به اهڙي وقت جڏهن اسان باباءِ بنگا شيخ مجيب الرحمان جي سالگره ۽ آزادي جي 50هين سالگره ملهائي رهيا آهيون، هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته پاڪستاني ٽيم کي جهنڊي سميت واپس موڪليو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔