ثانيه عاشق سان منسوب جعلي وڊيو ڪيس ۾ ٽيڪسلا مان جوابدار گرفتار

پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نواز جي ايم پي اي ثانيه عاشق سان منسوب جعلي وڊيو وائرل ڪرڻ واري مامري ۾ گرفتاري ٿي آھي

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) موجب سائبر ڪرائم ونگ ٽيڪسلا مان جوابدار کي گرفتار ڪيو.

ايم پي اي ثانيه عاشق ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ لاهور کي لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي.

ايف آءِ اي موجب شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن نازيبا وڊيو کي ثانيه عاشق سان منسوب ڪئي ھئي، جڏهن ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔