کدڙن فقيرن جي 25 اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي

ڪراچي: کدڙن فقيرن جي سياست ۾ انٽري، بنديا رانا جي اڳواڻي ۾ 25 کدڙن فقيرن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ڳالهائيندي چيو ته اڄ کدڙن فقيرن جي 25 اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي، اسان کي خوشي آهي ته انهن پيپلزپارٹي جي چونڊ ڪئي آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به رنگ نسل جو ڪوبه فرق نه رکندي آهي

هن چيو ته هتي ڪڏهن ڪڏهن عورتن کي ووٽ ڏيڻ ۽ پڙهڻ کان به روڪيو ويندو آهي پر پيپلزپارٹي سماج جي هر فرد کي حصيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پيپلزپارٹي اقليتن، معذورن جي به ڪوٽا رکي آهي. هن چيو ته مان کدڙن فقيرن جي ڄاڻ جو مداح آهيان، هي پنهنجو ڪردار اثرائتي انداز ۾ نڀائڻ ڄاڻن ٿا، هن چيو ته اسان کدڙن فقيرن جي اڳواڻن بنديا رانا، ثنا احمد، زهرش خانزادي ۽ ٻين کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چئون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔