گڏيل اپوزيشن پاران چونڊ سڌارن سميت پاس ڪرايل بل چيلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اليڪشن ترميمي بل سميت ٻيا بل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ مخالف ڌر جي اڳواڻ، جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اسعد محمود ۽ ٻين اڳواڻن پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو، هن ماحول ۾ قانون سازي نه ٿي ٿي سگهي، مخالف ڌر جي ووٽن کي گهٽ ڳڻيو ويو، اپوزيشن به اعتراض ڪيو جنهن کي اهميت نه ڏني وئي

هن چيو ته حڪومت بدمعاشي ذريعي سمورن بلن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو، مون اسپيڪر کي چيو ته توهان غلط ڪري رهيا آهيو، 167 مان رڳو 8 ملڪن ۾ اي وي ايم جو استعمال ٿي رهيو آهي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل اجلاس جا پنهنجا اصول هوندا آهن، عام اجلاس جا الڳ. مون پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کي قاعدن بابت سمجهايان

گڏيل اجلاس ۾ ڪنهن بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ 221 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي، گڏيل اجلاس ۾ حڪومت کٽي نه سگهي.هن چيو ته ڪلڀوشن کي اين آرو او ۽ اليڪشن ترميمي بل سميت ٻين بلن کي هر فورم تي چئلينج ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔