اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق وارو بل منظور

ڪراچي(م ڊ ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ڪرڻ جي حوالي سان لاءِ ترميمي بل منظور ڪيو ويو آهي، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ اليڪشن ايڪٽ ٻيو ترميمي بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو

پارليامينٽ حڪومتي چونڊ ترميمي بل 2021 منظور ڪري ورتو، جڏهن ته هن سان گڏوگڏ سمنڊ پار پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جو بل پاس ڪري ورتو

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي عالمي عدالت انصاف جي نظرثاني بل 2021 به منظور ڪيو ويو آهي

حڪومتي بل جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ ”پاڪستان ڪير بچائيندو عمران خان عمران خان“ جا نعرا هنيا ويا، جڏهن ته مخالف ڌر ايوان ۾ ڊويزن جو مطالبو ڪيو ويو

ٻئي طرف حڪومتي بل جي منظوري ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته حڪومتي بل جي منظوري کانپوءِ مخالف ڌر پاران واڪ آئوٽ ڪيو ويو

ياد رهي ته جڏهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شروع ٿيو ته پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي اسپيڪر منظور به ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔