پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس:اپوزيشن جي احتجاج دوران چونڊ سڌارا ترميمي بل 2021ع جون 2 ترميمون منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران چونڊ سڌارا ترميمي بل 2021ع جون 2 ترميمون منظور ڪيون ويون آھن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال واريون ترميمون منظور ڪرائي ورتيون آھن

عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال واري ترميم به پاس، اسپيڪر طرفان ووٽنگ تي اپوزيشن جا اعتراض رد ڪندي بلز جي شق وار منظوري لاءِ وائيس ووٽنگ ڪرائي وئي، اپوزيشن ميمبرز احتجاج بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، بل پيش ڪرڻ لاءِ رِٿ جي حمايت ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا هئا، بلز جي منظوري تي وزيراعظم سوڌو حڪومتي ميمبرز طرفان ڊيسڪ وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو

اپوزيشن طرفان اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪري ويا، اپوزيشن ميمبرز بلز جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون، اسپيڪر کي آزاد ڪريو ۽ ڌانڌلي نامنظور جي نعريبازي، اپوزيشن جي احتجاج دوران ايوان ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال، مراد سعيد ۽ مرتصيٰ جاويد عباسي هٿئين پئجي ويا، هڪٻئي کي الرون، سيڪيورٽي اسٽاف وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔