ايم ڪيو ايم جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي حمايت جو فيصلو

اسلام آباد: ايم ڪيو ايم پاڪستان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وفاقي وزير امين الحق موجب ايم ڪيو ايم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون سازي تي حڪومت جي حمايت ڪندي ۽ اهو فيصلو رابطا ڪميٽي سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي اي وي ايم تي ڪالهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ وزيراعظم بريفنگ ڏني، اي او ايم جي بل سميت ٻين تي ايم ڪيو ايم حڪومت جي حمايت ڪندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي مطالبي تي حيدرآباد يونيورسٽي ۽ مردم شماري بل به گڏيل اجلاس ۾ پيش ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔