وزيراعظم تيل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي 5 سالن جي ڪارڪردگي سان اپوزيشن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا، اهو ئي سبب آهي جو گهڙي گهڙي حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ کان 50 سيڪڙو سستا روڊ ٺاهي رهيا آهيون، ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت تي هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، اهو پئسو ڪنهن ڪنهن جي کيسن ۾ ويو؟ پاور پراجيڪٽ ۾ ڪيترو پئسو لڳڻو هو، ڪيترو پئسو ٺهيو؟

هن چيو ته موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ قرض واپس ڪيا، مهانگائيءَ جي ٻوڏ ٻاهران اچي رهي آهي، تيل اگهه اڃا وڌڻ جو خدشو آهي، عوام کي اعتماد هجڻ گهرجي ته هن ڏکئي وقت مان به نڪرنداسين، سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، جنهن سان سپلاءِ متاثر ٿي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ووٽنگ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڇو نٿي چاهي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اپوزيشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان ڇو ٿي ڊڄي، ٽيڪنالاجي اهڙي ٿي وئي آهي جو ڪو به ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهي، ڪو به ڪوڙ ڳالهائي ته گوگل تي چيڪ ڪري سگهو ٿا.

وزيراعظم موجب لنڊن ۾ ويٺل شخص ڏک جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان جون حالتون خراب آهن، هو لنڊن جي محلن ۾ پيو رهي، وڏيون گاڏيون هلائي رهيو آهي، اهو پئسو هتان ويو، 5 سالن کانپوءِ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏٺي ويندي، انهن کي خطرو آهي ته سندن دڪان نه بند ٿي وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔