ڀارتي حڪومت پاران سڀاڻي کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان

نئين دهلي: ڀارتي حڪومت سڀاڻي کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڀارت جي گهرو وزير اميت شاهه پاران ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سڀاڻي کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان ڪيو

ڀارتي وزير بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جون تقريبون شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪوريڊور کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن ڀارت 19 نومبر کان راهداري کولڻ جو اعلان ڪيو هو

اميت شاهه چيو ته وزيراعظم مودي جي حڪومت سڀاڻي 17 نومبر کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان اهم فيصلي مان بيشمار سک ياتري فائدو حاصل ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔