سنڌ اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ نسله ٽاور ۽ حددخلين خلاف آپريشن جي مخالفت ۾ مهم خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن طرفان احتجاج ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ۽ متحده سوڌو اپوزيشن ميمبرز طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ايوان ۾ نعريبازي، پ پ ايم پي اي ندا کهڙو طرفان نسله ٽاور جي حوالي سان پيش ڪيل ٺهراءُ تي بحث ڪيو ويو

پي ٽي آءِ ايم پي اي اي ارسلان تاج چيو ته نسلا ٽاور ٺاهڻ لاءِ آفيسرز لڪي لڪي پئسا ورتا، ٻڌايو وڃي ته نسله ٽاور پويان ڪهڙي مافيا آهي، اجازت ڏيندڙ آفيسرز جا اثاثا ضبط ڪري کين جيل حوالي ڪرڻ گهرجي، پ پ ايم پي اي غزالا سيال چيو ته چائنا ڪٽنگ دوران اپوزيشن وارا ڇو خاموش رهيا، ڪراچي ۾ نالن مٿان ڪاليج ٺاهيا ويا، پر ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو، هاڻي نسلا ٽاور جا رهواسي دربدر ٿي رهيا آهن، اپوزيشن اِن معاملي تي به سياست ڪري ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔