پاڪستان کي 2025ع جي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ملي وئي

لاهور: پاڪستان کي 29 سالن کانپوءِ آءِ سي سي ايونٽ جي ميزباني جي اجازت ملي وئي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ايندڙ 8 ايونٽس جي ميزباني جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پاڪستان 2025ع ۾ چيمپئنز ٽرافي جي ميزباني ڪندو. پاڪستان آخري ڀيرو 1996ع ۾ آءِ سي سي ايونٽ جي ميزباني ڪئي هئي، جڏهن پاڪستان ۾ 50 اوور جي ورلڊ ڪپ جون ميچون کيڏيون ويون هيون. 2008ع جي چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيڻي هئي پر حالتن سبب ان کي ڏکڻ آفريڪا منتقل ڪيو ويو.

آءِ سي سي جي اعلان موجب ڀارت 2024ع کان 2031ع تائين ٽن آءِ سي سي ايونٽس جي ميزباني ڪندو.2024 جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندو. ڀارت ۽ سريلنڪا 2026 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندا. 2027 ۾، ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندا.2028 جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ منعقد ٿيندو جڏهن ته ڀارت 2029 جي چيمپئنز ٽرافي جي ميزباني به ڪندو. انگلينڊ، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ 2030 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گڏيل ميزباني ڪندا، جڏهن ته ڀارت ۽ بنگلاديش 2031 ون ڊي ورلڊ ڪپ جي گڏيل ميزباني ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔