ماهرن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جا سامونڊي علائقا ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ماهرن هڪ ڀيرو ٻيهر موسمياتي تبديلين سبب ڪراچي جا سامونڊي علائقا ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

دنيا هن وقت سمنڊ ۽ ماحول جي وڌندڙ گرمي پد، گليشيئرز جي ڳَرڻ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ، اهي سڀ موسمياتي تبديلي جا اثر سهي رهي آهي.

پاڪستان جو سمنڊ به ماحولياتي تبديلي جي اثر هيٺ آهي، ماحولياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ سمنڊ جي سطح ۾ هر سال 1.2 ملي ميٽر واڌ ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ جي سطح ۾ ائين ئي واڌ جاري رهي ته 2060 تائين ڪراچي جا ڪيترائي سامونڊي علائقا ٻُڏي ويندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي سمنڊ کان 5 ڪلو ميٽر پري 800 اسڪوائر ڪلو ميٽر جو سامونڊي علائقو سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب غير محفوظ آهي، سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ سان ڪلفٽن، ڪي پي ٽي ۽ پورٽ قاسم سميت ٻيا سامونڊي علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا.

ماهرن اڏاوتي ڪم کي سمنڊ کان 200 ميٽر پري محفوظ بفر زون ۾ ڪرڻ جي تجويز به ڏني آهي.

ماهرن موجب جيڪڏهن دنيا گرين هائوس گيسز خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي کي سنجيدگي سان نه ورتو ته موسمياتي تبديلي کي قابو ڪرڻ انسان جي وس ۾ نه رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔