ايم ڪيو ايم باني به پابندي هٽائڻ جو چئي سگهي ٿو: نثار کهڙو

ڪراچي: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ٽي ايل پي جي معاملي کانپوءِ ايم ڪيو ايم باني به پابندي هٽائڻ جو چئي سگهي ٿو.

خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن جي معاملي تي نثار کهڙو ضمانت ۾ واڌ لاءِ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ عدالت پهتو، عدالت پ پ سنڌ جي صدر جي 10 لک رپين عيوض 18 ڊسمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته عوام جو رت چوسڻ پي ٽي آءِ حڪومت جو پراڻو ڪم آهي، پيٽرول جي قيمت 110 رپيا هجڻ گهرجي، حڪومت في ليٽر تي 44 رپيا وڌيڪ وٺي رهي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم باني چئي سگهي ٿو ته جڏهن ٽي ايل پي تان پابندي هٽائي رهيا آهيو ته منهنجي لاءِ به فيصلو ڪيو، قومي اسيمبلي ۾ هن وقت ايم ڪيو ايم لنڊن جو ته ڪو ميمبر موجود ناهي پر ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ميمبر موجود آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم کان ڌار ٿي به پ پ پنهنجي جدوجهد جاري رکيو پئي اچي، اسان پنهنجي طور عوام جو ساٿ نڀائي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔