ڪورونا جا وار گهٽجڻ لڳا، چوٿين لهر ۾ 6 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 6 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 612 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 79 هزار 876 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 903، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 199، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 79 هزار 122، بلوچستان ۾ 33 هزار 4، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 401، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 339، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 512 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 14 لک 19 هزار 25 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران 32 هزار 466 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 28 هزار 473 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 111 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 6 مريض فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 612 ٿي ويو.
پنجاب ۾ 12 هزار 978، سنڌ ۾ 7 هزار 603، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 798، اسلام آباد ۾ 948، بلوچستان ۾ 358، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 741 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔