ثاقب نثارجج کي نواز شريف ۽ مريم نوازکي نه ڇڏڻ جو حڪم ڏنو: اڳوڻي چيف جسٽس جو انڪشاف

ڪراچي: گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا ايم شميم جو پنهنجي تصديق ٿيل حلف نامي ۾ انڪشاف ڪيو آھي تھ ثاقب نثار هاءِڪورٽ جي جج کي حڪم ڏنو ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز ضمانت تي آزاد نه ٿيڻ گهرجن،

ڪراچي(م ڊ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو آهي ته هو ان واقعي جو شاهد هو جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي

گلگت بلتستان جي سينيئر جج پنهنجي حلف نامي ۾ پاڪستان جي سينيئر جج جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ميان محمد نواز شريف ۽ مريم نواز کي عام چونڊون ٿيڻ تائين جيل ۾ رهڻ گهرجي، جڏهن ٻئي طرف کان اطمينان جوڳو جواب مليو ته هو (ثاقب نثار) خاموش ٿي ويو ۽ هڪ وڌيڪ چانهه جو ڪوپ گهرايو، دستاويز موجب شميم هي بيان 10 نومبر 2021 تي اوٿ ڪمشنر آڏو ڏنو، نوٽرائزڊ حلف نامي تي اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان جي جي دستخط ۽ ان جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي به موجود آهي

نوٽري پبلڪ جي مهم سان گڏ لکيو آهي ته شميم حلفيه 10 نومبر 2021 تي منهنجي سامهون هن دستاويز تي دستخط ڪيو، راڻا شميم سان رابطو ڪرڻ تي پهريان حلف نامي جي مواد جي تصديق ڪئي، ان نمائيندي کيس واٽس اپ ڪال ذريعي حلف نامي جو مواد پڙهي ٻڌايو، پر هن چيو ته هو ان کي صحيح طرح ٻڌي نٿو سگهي

جنهن بعد کيس ٻيهر فون ڪيو ويو پر ان جو واٽس اپ بند ٿي ويو ۽ باقاعده فون ڪال نه آئي ۽ پوءِ هن جو فون بند ٿي ويو، ڪجهه ڪلاڪن بعد، گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج پنهنجي بيان جي مواد جي تصديق ڪندي هڪ ٻئي فون نمبر تان نمائيندي کي پيغام موڪليو، جنهن ۾ هو پنهنجي بيان جي تصديق ڪئي

ان حوالي سان جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان رابطو ڪيو ويو ته هن ان ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته هُن ڪڏهن به پنهنجي ماتحت ججن کي ڪنهن به عدالتي فيصلي جي حوالي سان ڪو به حڪم نه ڏنو آهي، جيتوڻيڪ اهو حڪم نواز شريف، شهباز، مريم جي خلاف هجي يا ڪنهن ٻئي جي خلاف هاءِ ڪورٽ جي جج جي نالي ۾ ترميم ڪرڻ کان علاوه، شميم جو حلف نامو هيٺ پيش ڪيو پيو وڃي

مان جسٽس ڊاڪٽر رانا محمد شميم، اڳوڻو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف اپيلٽ آف گلگت بلتستان (31 آگسٽ 2015 کان 30 آگسٽ 2018) حلفيه بيان ڏيان ٿو

ٻه جولاءِ 2018ع ۾ جڏهن مان چيف جسٽس جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هئس ته ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار پنهنجي خاندان جي 27 ميمبرن سان گڏ موڪلن تي گلگت آيو ۽ عدالت جي گيسٽ هائوس ۾ ترسيو

جنهن شام جو هي واقعو آهي ان ڏينهن تي شام جو منهنجي مرحومه زال جسٽس ثاقب نثار ۽ سندس گهرواري باغ ۾ چانهه پي رهيا هئا ته مون ڏٺو ته چيف جسٽس آف پاڪستان پريشان هو ۽ مسلسل پنهنجي رجسٽرار سان فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ هو هدايت ڪري رهيو هو ته جسٽس جي رهائشگاهه تي وڃو ۽ کيس چيو ته مون کي (ثاقب نثار) کي فوري طور تي فون ڪري

جيڪڏهن فون ڪال نه لڳي ته منهنجي طرفان (ثاقب نثار جو) جي پيغام پهچيو ته ميان محمد نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڪنهن به قيمت تي عام چونڊن کان اڳ ضمانت تي آزادي نه ملڻ گهرجي

ٿوري دير کان پوءِ هن جي جسٽس سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي ۽ چيو ته ميان محمد نواز شريف ۽ مريم نواز کي عام چونڊون ٿيڻ تائين جيل ۾ رهڻ گهرجي، ٻئي طرفان خاطري ملڻ تي هو پرسڪون ٿي ويو ۽ خوشيءَ سان چانهه جو ٻيو ڪوپ به طلب ڪيو

مان هڪ ساٿي ۽ ميزبان جي حيثيت سان کيس چيو ته گلگت بلتستان ۾ پنهنجي خاندان سان موڪلون گذاري ۽ کيس چيو ته هن جسٽس کي هي پيغام ڇو پهچايو ۽ ڪنهن لاءِ، هن مون جواب ڏنو، رانا صاحب توهان نه سمجهندئو، توهان هن ڳالهه کي ائين سمجهو ته جيئن توهان ڪجهه ٻڌو ئي ناهي

مون هن کي پنهنجي مرحوم ۽ هن جي پنهنجي گهر واريءَ جي سامهون چيو ته ميان نواز شريف کي غلطيءَ سان ڦاسايو ويو آهي ۽ ان جي سزا ۽ مريم نواز شريف جي سزا کي ڏسي ڪري ۽ هن جي فون ڪال ٻڌڻ سان واضح ٿي وڃي ٿو، پهريان ته هو (ثاقب نثار) ناراض ٿي ويو پر هڪدم پنهنجو لهجو بدلائي ڇڏيو ۽ چيو ته راڻا صاحب پنجاب جي ڪيمسٽري گلگت بلتستان کان مختلف آهي

جيڪو مون هتي بيان ڪيو آهي اهو رضاڪاراڻه ۽ مڪمل طور تي سچ آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ٻنهي کي احتساب عدالت 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ٻڌائي هئي، سندس وڪيلن سندس سزا معطل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو پر ابتدائي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي جولاءِ جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔