سکر انٽر سائنس ۽ آرٽس گروپ جي امتحاني نتيجن جو اعلان ٿي ويو

سکر: سکر تعليمي بورڊ انٽرميڊئيٽ سائنس ۽ آرٽس گروپ جي امتحاني نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سکر تعليمي بورڊ طرفان پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ آرٽس گروپ جي امتحاني نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پري ميڊيڪل گروپ ۾ ڇوڪرين جي ڪاميابي جي شرح 95.33 ۽ ڇوڪرن جي ڪاميابي جي شرح 89.33 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ڪامرس گروپ ۾ ڇوڪرين جي ڪاميابي جي شرح 94.20 سيڪڙو ۽ ڇوڪرن جي شرح 94.40 سيڪڙو رهي.

امتحاني نتيجن موجب پري انجنيئرنگ گروپ ۾ ڇوڪرن جي ڪاميابي جي شرح 91.07 ۽ ڇوڪرين جي ڪاميابي جي شرح 94.65 سيڪڙو رهي، جڏهن ته آرٽس گروپ ۾ ڇوڪرين جي ڪاميابي جي شرح 94.14 ۽ ڇوڪرن جي ڪاميابي جي شرح 92.10 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔