خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير به مهانگائيءَ جو اعتراف ڪري ورتو

ڪرڪ: خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان به ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو اعتراف ڪري ورتو.

ڪرڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي محمود خان چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ اسان جو ڪم آهي.

هن چيو ته ماضي جي حڪومتن اربين ڊالرن جو قرض ورتو، اهي ڪير موٽائيندو؟ عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، ميٽر ريڊر به ارب پتي بڻجي ويا، سئنيما جي ٽڪيٽ کپائيندڙ به ارب پتي بڻجي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جهڙن ملڪن جي معيشت به ويهي وئي، سخت حالتن ۾ وزيراعظم سان گڏ بيهڻو آهي، اسان اسفند يار ولي جهڙا ناهيون ته ڏکين حالتن ۾ هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي ڀڄي وڃون، اسان ڪرڪ جا ماڻهو آهيون ۽ ڏکين حالتن ۾ عمران خان سان گڏ رهنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔